پالڪ جوهي جي تصوير

پالڪ جوهي جي تصوير

پالڪ جوهي

پالڪ جوهي: هن ٻوٽي کي لاطيني ۾Rhinacanthus Communis ، فارسي ۾ گل بگله، سنسڪرت ۾ يوٿڪاپرني ۽ هندي ۾ پالڪ جوهي چيو وڃي ٿو. هيءَ Acanthaceae آڪهه سان تعلق رکي ٿي. هي هڪ ننڍو ٻوٽو آهي. جيڪو 1.5 کان 1.9 ميٽر ڊگھو ٿئي ٿو. هن جا پن پنج کان ڏهه سينٽي ميٽر ڊگھا ۽ ٻه کان پنج سينٽي ميٽر ويڪرا ٿين ٿا. ڏانڊيون اٺ کان تيرهن ملي ميٽر ۽ ٻج اڍائي ملي ميٽر هوندا آهن. هن جي پنن ۾ بدبوءِ هوندي آهي. هن جا پن سنها، نرم ۽ ذائقي ۾ معمولي ڪڙا هوندا آهن. دوائن ۾ گھڻو ڪري هن جي پاڙ استعمال ٿيندي آهي. هي سنڌ ۾ به ٿئي ٿي.


لفظ پالڪ جوهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو